سُور جون سَوَ صورتون

سُور جون سَوَ صورتون

سُور جون سَوَ صورتون

سُور جون سَوَ صورتون (ڪتاب): هي ڪتاب، سنڌيءَ جي گيتڪار شاعر گورڌن ڀارتيءَ جو قصي جي روپ ۾ ناول جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ هن ٽي. بي. سينيٽوريم جي خاص مريضن سان ملاقاتن دوران جيڪي ڏٺو ۽ ٻڌو، ان کي قلمبند ڪيو آهي. 50-60 واري ڏهاڪي ۾ سلهه جو ڪو خاص علاج ڪونه هوندو هو، خود ليکڪ جو به ان مرض ۾ هڪ ڦڦڙ ختم ٿي چڪو هو. هي هڪ سوانحي ناول جو روپ آهي، جنهن ۾ ليکڪ مصلحتاً مريضن جا نالا بدلايا آهن. هن ناول جا ڪردار سچ کان منهن نه موڙي حقيقت جي جهوليءَ ۾ زندگيءَ جي تنهائي ڀوڳين ٿا. ڊيمي سائيز جي 305 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي امرتا آنند پبليڪيشن، بمبئيءَ 1997ع ۾ ڇپايو هو ۽ ان جي قيمت 75 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو